ڪراچي:  سنڌ پوليس پاران ڪي پي او واقعي بعد سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن، اجلاس دوران اسيمبلي جي داخلي ۽ خارجي رستن کانسواءِ چوڌاري پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي اجلاس دوران چوڪس بيٺل هجن ٿا. اجلاس دوران وزيٽرز کي به اسيمبلي ٻاهران بيهڻ کان روڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسيمبلي ٻاهران ميڊيا جي گاڏين کانسواءِ ٻين خانگي گاڏين کي به بيهڻ جي اجازت ناهي.