ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پوڻا 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيڻ تان پي ٽي آءِ ميمبرن جو گوڙ، مڪيش چاولا ۽ جي ڊي اي ميمبر نند گوڪلاڻي وچ ۾ منهن ماري، هڪٻئي تي الزام، فردوس شميم نقوي سميت پي ٽي آءِ جا ميمبر ڊيسڪن تان اٿي بيٺا، صوبائي وزير مڪيشن ڪمار چاولا به پي ٽي آءِ ايم پي ايز جي اهڙي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته اجلاس مقرر وقت تي ئي شروع ٿيڻ گھرجي، جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته آئون  وقت تي پهچي ويندو آهيان پر ميمبر ايوان ۾ نه ٿا اچن. ڪالهه مختلف پارٽين جي ايم پي ايز ڌار ڌار ڌيان ڇڪايو نوٽيس  پيش ڪيا، پي ٽي آءِ ايم پي اي شاهنواز جدون ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پوليس پاران ماڻهن کي گم ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته ميمبر صاحب، جنهن نوجوان لاءِ سوال ڪيو آهي ان بابت ڪنهن به ٿاڻي تي اغوا يا گم ڪرڻ جي رپورٽ داخل ٿيل ناهي. ايم پي اي رابعه  خاتون ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته شهر ۾ ڦر واقعن دوران شهرن کي قتل به ڪيو پيو وڃي، پوليس کي مين روڊن سان گڏ آبادين اندر به مقرر ڪيو وڃي، هاڻ تي پاسي مان موٽر سائيڪل گذرڻ تي خوف ڇانئجي وڃي ٿو ته متان ڦورونه  هجن، جنهن تي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته شهر ۾ پوليس مددگار 15 سرگرم آهي، ڪا شڪي سرگرمي  نظر اچي ته پوليس کي 15 تي اطلاع ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان تعليمي ادارن ۾ منشيات جي واهپي خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته هاڻي منشيات گهٽين ۽ پاڙن ۾ به سرعام وڪرو ٿئي ٿي، ڪلفٽن جي هر ريسٽورنٽ ۾ شيشو هلي ٿو، شراب ۽ شيشي کانپوءِ هاڻي ته منشيات وڌي وئي آهي، جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چيو ته منشيات کي روڪڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، وڏي وزير پاران منشيات جي روڪٿام لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي  پي ٽي آءِ ايم پي اي ڊاڪٽر سيما ضياءَ دوائن جون قيمتون وڌڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال وارا ڪنٽينر بندرگاهه تي ڦاٿل آهن، شهر ۾ پيناڊول ۽ ٻيون دوائون بليڪ تي وڪرو ٿي رهيون آهن، ايم آر آءِ ۽ ٻين ٽيسٽن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل به بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪينسر جي بيماري جي 50 هزارن ۾ ملندڙ دوا هاڻ لک رپين ۾ ملي ٿي، هر مهيني دوائن جي اگهن  ۾30 کان 40 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو، سنڌ سرڪار کي سستي دوا وارا  ميڊيڪل اسٽور کولڻ گهرجن. جنهن جي  موٽ ۾ صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو جواب ڏيندي چيو ته هي ڪجهه مهينن جو بحران ناهي، ملڪ ۾ ڊگهي مدي وارين معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ مهانگائي آئي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪينسر سميت وڏين بيمارين جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي، جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار روزمرہ جي شين جا اگهه وڌڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي، اٽو 160 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، انهي دوران نند گوڪلاڻي ۽ مڪيش ڪمار وچ ۾ منهن ماري به ٿي، مڪيش چاولا کيس چيو ته توهان ڪوڙا آهيو، توهان کي غريبن نه پر پنهنجي سي اين جي پمپ جي ڳڻتي آهي. ڪالهه وڪيلن جي ڀلائي ۽ تحفظ واري سرڪاري بل  بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، انهي بِل هيٺ فنڊ گڏ ڪرڻ سان گڏ بيمار وڪيلن جو علاج ڪرايو ويندو. ان حوالي سان پ پ ايم پي اي پير مجيب چيو ته هن فنڊ مان سکيا وٺندڙ وڪيلن کي 20_20 هزار رپيا ڏنا ويندا، ايوان اهو بل اتفاق راءِ سان پاس ڪري ڇڏيو. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.