سنڌڙي ويجهو اسپورٽس فيسٽيول: شاگردياڻين ۾ شاهه بخش لاشاري اسڪول ڪامياب

0
239
سنڌڙي ويجهو اسپورٽس فيسٽيول: شاگردياڻين ۾ شاهه بخش لاشاري اسڪول ڪامياب
سنڌڙي ويجهو اسپورٽس فيسٽيول: شاگردياڻين ۾ شاهه بخش لاشاري اسڪول ڪامياب

سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) آل کيراھو پرائمري اسڪول اسپورٽس فيسٽيول ڳوٺ شاھ بخش لاشاري ۾ سنڌ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن لنڊن جي تعاون سان 3 ڏينھن جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پھتو

فٽبال، باسڪٽ بال، ھينڊبال، رساڪشي ۽ ڊوڙ سميت 10 رانديون کيڏيون ويون، ڊوڙ واري راند ۾ شاھ بخش لاشاري جي اسڪول جا شاگرد ڪامياب ٿيا. باسڪٽ بال ۾ آنچل داس اسڪول جا شاگرد ڪامياب ٿيا. ڪرڪيٽ ۾ پنگو خاصخيلي اسڪول جا شاگرد ڪامياب ٿيا. ھينڊ بال ۾ دلبر مھر جا شاگرد ڪامياب ٿيا، رساڪشي ۾ آنچل داس جا شاگرد ڪامياب ٿيا، شاگردياڻين جي وچ ۾ ٿيل سمورن ۾ راندين ۾ شاھ بخش لاشاري جي اسڪول کي سرسي حاصل ھئي

آخر ۾ مھمان خاص ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري، امتياز عرساڻي، غزالہ امتياز عرساڻي، يعقوب لاشاري، احسان عرساڻي، مسرت عرساڻي، شير گل، ٽي اي او سنڌڙي فرخندہ جبين، عشرت، رضيہ، شير محمد درس، جئيرام داس اٻوجھہ، آفتاب لاشاري، ڏنگڙو مل، لياقت لاشاري، فيض مھر ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن کي انعام پڻ ڏنا