برسبين(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز آسٽريليا کي سندن ئي سرزمين تي 27 سالن بعد ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي تاريخ جوڙي ورتي. گابا اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز چوٿين ڏينهن ڪينگروز کي 8 رنسن تان شڪست ڏني. ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم پهرين اننگ 289 رنسون 9 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي هئي. ٻي اننگ ۾ آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 216 رنسن جو هدف مليو ڇاڪاڻ ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم 293 رنسون ٺاهي ٻي اننگ ۾ آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا جي ٽيم جي فتح يقيني نظر اچي رهي هئي پر ويسٽ انڊيز جي بالرن به همت نه هاري ۽ شاندار بالنگ ڪندي سموري ميزبان ٽيم کي 207 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. ويسٽ انڊيز جي شمر جوزف زخمي آڱوٺي سان بالنگ ڪندي 68 رنسون ڏئي 7 رانديگر آئوٽ ڪيا. اها ويسٽ انڊيز جي آسٽريليا ۾ 27 سالن بعد پهرين فتح آهي. ويسٽ انڊيز آخري ڀيرو 1997ع ۾ آسٽريليا ۾ ڪا ٽيسٽ ميچ کٽي هئي. ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ٿي وئي آهي. شمر جوزف ميچ ۾ 10 وڪيٽون ورتيون.