سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلم، جبر، ناروا سلوڪ ايترو ته وڌي رهيو آهي جو هاڻي هڪ زوردار تحريڪ شروع ڪرڻ  جي ضرورت آهي، ڇو جو سالن کان عورتن جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، مختلف سيمينارن، ڪانفرنسن  ليکن، ڪهاڻين، ناولن، مضمونن ،سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ عورتن جا  مختلف مسئلا اُجاگر ڪيا ويا آهن پر ڪو به کڙ تيل هن وقت تائين ناهي نڪتو. ڪجهه سالن کان ملڪ جي مختلف وڏن شهرن مان “عورت مارچ ” ڪڍيا وڃن ٿا انهن مارچن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ مرد شريڪ ٿيندا آهن جنهن ۾ قرارداد پيش ڪئي ويندي آهي ته عورتن جي مکيه مسئلن تي قانون سازي ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڪجهه قدر قانون ٺهيا به آهن پر افسوس جو انهن تي عمل نٿو ٿئي ان جو اهم سبب هي آهي ته اسان جا ادارا اڄ جي ترقي يافته دور ۾ به مڪمل طور آزاد ناهن. خاص ڪري تعليم ،صحت ، زراعت، آبپاشي، بلدياتي نظام ۽ پوليس اُهي شعبا آهن جتي ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر  عام  جام آهي. هتي آئون ڳالھه ڪنديس خاص ڪري سنڌ  پوليس جي کاتي جي جيڪو مڪمل طور حڪومت جي اثر هيٺ هوندو آهي ايتري قدر جو  ايس ايس پي کان ويندي ايس ايڇ او تائين ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي رکيا ويندا آهن جنهن جي ڪري سڄي ضلعي جو عملو “سائين” جن جي هٿ هيٺ هلندو آهي ۽ پوءِ نتيجو توهان جي سامهون آهي، ڪمزور ايف آئي آرز داخل ٿينديون آهن مڪمل سيڪشن ناهن لڳندا، شاهديون ڪمزور هونديون آهن اڳتي هلي ڪيس ختم ٿي ويندا آهن، ڪٿي ڪيسن ۾  راڄوڻي ٿيندي آهي ته ڪٿي وري شاهد پيش ناهن ڪرائبا، مطلب هڪ ته پوليس تي مٿان جو زور هوندو آهي ٻيو “رشوت” جنهن جي ڪري“ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ”جي مجرمن کي سزائون ناهن ملنديون. توڻي جو ڪارو ڪاري ڪيسن ۾ رياست فريادي ٿيندي آهي پر اڳتي هلي ڪيس لئي مٽي ٿي ويندو آهي ڇو جو prosecution تمام گهڻي ڪمزور هوندي آهي مٿان وري پوليس عورتن سان ٿيندڙ تشدد يا ڪهڙي به قسم جي ظلم تي سنجيده ناهي ٿيندي، هڪ مسڪين ۽ لاچار عورت ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي، ڪاٽي ٿڪجي پوندي آهي ان جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي هوندو، مٿان کين حراسمينٽ جو شڪار ڪيو ويندو آهي. پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ عورتن جي نفري نه هجڻ برابر آهي ڇو جو عورت ليڊي ڪانسٽيبل هجڻ  جي ڪري متاثر ٿيل سڪون سان پنهنجو مسئلو ٻڌائي سگهي ٿي ۽ پاڻ کي محفوظ به سمجهي ٿي، هتي مرد پوليس آفيسرن جو رويو ايترو ته خراب هوندو آهي جو مظلوم ماڻهو ايس ايڇ او ته ٺهيو ايس ايس پي سان  به ملڻ کان ڪٻائيندو آهي. 
ڪارو ڪاري هجي، زيادتين جا  ڪيس هجن، گهريلو تشدد هجي، بي جوڙ شاديون هجن، ننڍپڻ جا نڪاح هجن، اظهار جي آزادي هجي، پسند جي شادي هجي، ڌيئرن جي پيدا ٿيڻ تي زالن کي طلاق ڏيڻ هجي  يا Virginity تي اُٿاريل سوال هجن هي سڀ ظلم جاگيرداري  سماج طرفان ٿي رهيا آهن جنهن جو سنئون سڌو شڪار غريب طبقي جي عورت آهي. اسان ڪڏهن ڪٿي به ناهي ٻڌو ته ڪو  جاگيردار انهن رسمن جي تحت  پنهنجي حويلي جي ڪنهن فرد  کي ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو هجي يا سردار، ڀوتار، رئيس، جاگيردار کي ڪڏهن ڪنهن غريب هاري ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو هجي، ڪڏهن به نه، انهن سمورن قبائلي قانونن جي گرفت ۾ سدائين  هڪ غريب جو گهر آيو آهي ، هڪ هاري جو پٽ آيو آهي ۽ هڪ عورت آئي آهي. 
تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ضلعي ڪشمور جي شهر بخشاپور مان اطلاع مليو ته صغران بنگوار کي سندس ڏير قتل ڪيو آهي جنهن جو سبب ڪارو ڪاري جو الزام هو، ڪجهه سال اڳ ۾ جيڪب آباد ۾  به اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ خانزادي لاشاري کي سندس مڙس قتل ڪيو هو. اڳتي هلون ته معلوم ٿئي ٿو ته “ڪشمور ضلعي، جيڪب آباد ضلعي ۽ سنڌ جي ٻين ڪجهه جڳهن تي  خاص ڪري ٻروچن ۽ ڪجهه ڄاموٽن ذاتين  ۾ هڪ  رسم عام آهي، شادي جي رات سيج جي مٿان اڇي چادر وڇائي ويندي آهي جنهن سان خبر پوندي آهي ته ڪنوار ورجن آهي يا نه (ڪنواري آهي يا نه)” .ظلم جي انتها آهي شادي جي رات جڏهن هڪ عورت پنهنجي نئين زندگي ۾ پير پائيندي آهي هڪ نئين سفر جي شروعات ڪندي آهي سوين خواب کڻي نئين گهر ۾ ايندي آهي تڏهن  مڙس طرفان شادي جو پهريون تحفو سندس عزت تي وارُ هوندو آهي، جڏهن ته سائنسي تحقيق مطابق راند روند ڪرڻ،  ڌڪ لڳڻ، ٽپو کائڻ، يا انسان جي هيٺين حصي جي آپريشن ٿيڻ سان عورت جي virginity جي لاءِ  اهڙي ڪا به ٽيسٽ فائديمند ناهي جنهن سان سندس ڪنواري پڻ تي سوال اُٿن. هي آهي اسان جو سماج جتي هر سوال عورت لاءِ اُٿي ٿو، هر هٿ عورت تي کڄي ٿو، هر وارُ عورت جي عزت  تي ٿئي ٿو، اهڙي انا پرست مردن کان جيڪڏهن رشتو ڏيڻ کان اڳ ۾ virginity test ڪرائڻ جو سوال رکجي ته ڇا ھُو  سوال جو جواب ڏئي سگهندا؟ بلڪل نه بلڪل نه، پوءِ آخر اسان جي سماج ۾ عورت جو ئي هر قدم تي ڇو استحصال ٿئي ٿو، پابنديون، سوال، قاعدا قانون هڪ عورت لاءِ ئي ڇو؟ مرد سزا ۽ جزا کان آجو ڇو آهي؟ ڇو جو اسان وٽ جاگيرداري سماج آهي خاص ڪري اتر سنڌ ۾ مضبوط جاگيرداري نظام قائم آهي. 
سنڌ ۾ قائم ٿيل  جاگيرداري سماج هميشه وک، وک تي عورت سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن عورت  کي هڪ وکر سمجهي  ان جي وجود کي استعمال ڪيو ويو آهي اهو جاگيرداري سماج عورت جي معاملي ۾ مرد کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ، هڪ مرد جي اظهار تي پابندي نٿو هڻي ، مرد کي تعليم، پسند جي شادي ، گهمڻ، ٻاهر نڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ، نوڪري ڪرڻ، جي اجازت هوندي آهي پر اتان جي عورت کي آئيني ۽ شرعي حق به حاصل ناهن هوندا جنهن جي ڪري عورت مسلسل ڀوڳي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اسان ايئن خاموش رهياسين ته اسان جي عورت اڃان وڌيڪ ڀوڳيندي ۽ اسان جا نسل جاگيرداري سماج جا غلام رهندا جيڪو سنڌي سماج جي بقا لا نقصانڪار آهي. هن وقت تائين جاگيرداري سماج کي ٽوڙڻ لاءِ ڪا به موثر  پاليسي ناهي جوڙي وئي، سرڪار اهڙي قسم جي  پاليسي ڪڏهن به نه جُوڙيندي ڇو جو اسيمبلين جي ڪرسين تي  ساڳيا جاگيردار  ويٺل آهن جيڪي ڳوٺن ۾ ذات برادري جي اَڇي ڪاري جا مالڪ آهن. اُهو سڀ اسان جي باشعور سول سوسائٽي کي سوچڻو پوندو  پر افسوس ته اسان وٽ اُها  مضبوط سول سوسائٽي  ناهي، ( ڇو جو اڄڪلھه جي دور ۾ هر ڪو پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي) پر ڪري ٿاٻڙي، هلي هلي، ٿڪي ٿوري ساهي پٽي وري سفر جاري رکڻو آهي، اسان جي ذميواري آهي ته اسان ننڍن ننڍن ٽولن جي صورت ۾ سول سوسائٽي کي متحرڪ ڪيون ان لاءِ اسان کي ڳوٺ، ڳوٺ وڃي، شهر، شهر وڃي جاگرتا مهم هلائڻي پوندي تڏهن وڃي اسان سول سوسائٽي کي ايڪٽيو ڪري سگهنداسين جيڪا ڪجهه نه ڪجهه، ڪٿي نه ڪٿي مسئلن لاءِ ضرور آواز اُٿاريندي. 
هي سڀ اسان ۽ توهان کي طئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان سنڌي سماج کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا ته اسان کي جاگيرداري سماج جو خاتمو آڻڻو پوندو جيڪو  ايترو جلدي ممڪن ناهي پر منهنجي خيال ۾ ته ڪا به ڳالھه ناممڪن به ناهي، پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي تعليم ڏيارجي، نياڻين کي ٻيو ڇڏيو پر پنهنجي زندگي جي اهم فيصلن تي اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي، پنهنجن پٽن سميت نياڻين جي سياسي تربيت ڪجي، نياڻين  جي اندر اعتماد آڻڻ جي ضرورت آهي، سجاڳي آڻڻ لاءِ ڳوٺن ۾ سيمنار ڪرائجن، گهر گهر وڃي والدين کي تعليم جا فائدا ٻڌايا وڃن. 
 آخر ۾  اهو ضرور لکندس جيستائين مرد ۽ عورت پنهنجن حقن لاءِ گڏ هڪ پليٽفارم تي نه بيهندا ته مسئلن ۾  ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ڇو جو ڪا به جدوجهد جيئن عورتن جي شموليت کان سواءِ مڪمل ناهي بلڪل ايئن اسان جي باشعور مردن جي ساٿ کان سواءِ به جدوجهد مڪمل ناهي. سنڌ  اندر مزاحمت جو ٻج پوکيل آهي بس باشعور ماڻهن کي منظم ڪرڻو آهي ، سنڌي سماج گهڻ رُخي مسئلن جو شڪار آهي هر مسئلي  تي گڏ هڪ مٺ ٿي بيهنداسين ته دير ضرور لڳندي پر ڪاميابي پري ناهي ڇو جو ظالم ڪيترو به بااثر ۽ مضبوط ڇو نه هجي پر حق  ۽ مسلسل جدوجهد سان انسان ڪاميابي ضرور ماڻيندو آهي. 

تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي 
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو