مديني جي رياست جهڙي حڪمراني ڪرڻ جي دعويدار عمران خان جي حڪومتي ڪرپشن جون مختلف وقتن تي مختلف ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن. يارهين جون تي وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ سالياني بجيٽ پيش ڪئي ۽ ساڳئي ئي ڏينهن تي عمران سرڪار سندس سياسي تاريخ جو سڀ کان وڏو يو ٽرن ورتو ۽ ان يوٽرن طور اڻ اعلانيل ۽ اڻ لکيل هڪ اهڙي اين آر او جو  اعلان سامهون آيو جنهن تي ملڪي سياست ۾ دلچسپي رکندڙ سياسي تجزيي نگارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. يارهين جون جي اخبارن ۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث کنڊ مافيا يا ايئن کڻي چئجي ته کنڊ مافيائن جي دنيا جي بي تاج بادشاھه کي ملڪ جو سڀ کان وڏو اين آر او ملڻ جون خبرون پڙهي سگهجن ٿيون. در اصل مون پنهنجي اخباري ڪالمن ذريعي هنن ئي صفحن تي هڪ سال کان هلندڙ ان ڊرامي جي بار بار ڳالھه پئي ڪئي آهي جيڪو هاڻي آهستي آهستي پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت لاءِ هاڻي اهو مشهور ٿي ويو آهي ته هو پاڻ ئي پنهنجي ڪرپٽ وزيرن يا پي ٽي آئي جي ميمبرن جي لاءِ ڪرپشن ڪرڻ ۽ پيسو ڪمائڻ لاءِ راھ هموار ڪري ٿو ۽ جڏهن اها ڳالھه ميڊيا ذريعي عوام جي آڏو کلي ٿي ته وري پاڻ ئي پنهنجي ساٿين خلاف ايڪشن کڻڻ جا اعلان ڪري عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو جيڪا ڪوشش هاڻي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ناڪام نظر اچي پئي. عمران خان کي هن دور جو سڀ کان وڏو ڪرپٽ حڪمران ان ڪري به چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هو نه فقط پاڻ انتهائي چالاڪي سان چوريون ڪري رهيو آهي پر گڏو گڏ سندس ساٿي پڻ لٽ مار ۾ رڌل آهن. جهانگير ترين لاءِ ٻه هفتا اڳ ئي واضح ڪيو هيوسين ته عمران حڪومت يا ته بجيٽ پاس نه ڪرائي سگهندي جو سندس حڪومت فقط ٻن ووٽن جي فرق سان اقتدار ۾ موجود آهي جنهن ۾ به وڏو تعداد ٻين ڌرين جو آهي، جن ۾ وري بدنام زمانه ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ سرفهرست آهن، جن وٽ به اندازن 16 سيٽون آهن، ان کان علاوه پي ٽي آئي جي پنهنجي رڌڻي ۾ پڻ ان وقت رولو پئجي ويو هو جڏهن جهانگير ترين گروپ قائم ٿيو. ترين گروپ وٽ صوبائي اسيمبلي پنجاب ۾ 32 ۽ قومي اسيمبلي ۾ 8 ميمبر واضع طور ظاهر ٿي حڪومت جي مقابلي م سامهون آيا، اهڙي طرح ڪجھه ميمبر ڪي پي اسيمبليءَ ۾ به جهانگير ترين جا ساٿي ٿي سامهون اچي ويا، انهي ڪري ئي پاڻ اهو پئي چيو ته جهانگير ترين گروپ جي مدد کان سواءِ حڪومت لاءِ بجيٽ پاس ڪرائڻ ممڪن نه هوندو. پوءِ اوهان ڏٺو ته پاڻ واري ڳالھه سچي ثابت ٿي ۽ يارهين جون واري اسيمبلي اجلاس ۾ اهو ئي ٿيو جنهن جو امڪان هو، يارهين جون واري نئين اڻ اعلانيل اين آر او کان پوءِ جهانگير ترين جو کنڊ اسڪينڊل هاڻ مڪمل طور ختم ٿيندي نظر پيو اچي. 84 کرب ۽ 87 ارب رپين جي پيش ڪيل بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان جهانگير ترين کي اڻ اعلانيل اين آر او ڏئي ملڪ ۽ قوم سان وڏو دوکو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اخباري خبرن موجب جهانگير ترين ۽ سندس پٽ کي رليف ڏيڻ لاءِ  ايف آئي اي پاران ڪورٽ کي لکت ۾ ڏنو ويو آهي ته هنن جي گرفتاري جي ڪابه ضرورت نه آهي جنهن کان پوءِ عدالت به درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت اهو به چيو ته جيڪڏهن ترين جي گرفتاري جي وري ضرورت پوي ته ست ڏينهن اڳ ۾ اطلاع ڏنو وڃي. هوڏانهن هڪ ٻي اخباري خبر مطابق ترين گروپ جي مک اڳواڻ راجا رياض جو به اهو بيان سامهون آيو آهي ته هاڻ ترين گروپ حڪومت مان خوش آهي ۽ هاڻ بجيٽ ۾ حڪومت جو مڪمل ساٿ ڏنو ويندو، راجا رياض  وڌيڪ چيو ته اسان کي انصاف مليو آهي پر جيڪڏھن ڪير ان انصاف کي  اين آر او چوي ٿو ته اها ان جي جي مرضي آهي. سچ ٿو چئجي ته هن ملڪ جو قانون واقعي به ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آهي جنهن م ڪمزور جيت جڙو  ته ڦاسي پوي ٿو ليڪن طاقتور ڍور ڍڳو قانون جي انهي ڄار ٽوڙي نڪري ٿو وڃي. 
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي موجوده وزيراعظم جو موقف اهو ئي آهي ته ڪرپٽ کنڊ مافيا کي ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندس، پر پوءِ ٿيو ڇا؟ 
عمران خان ۽ سندس پارٽي تحريڪ انصاف اليڪشن کان اڳ ۾ هڪ وڏو ۽ تاريخي ڌرڻو هنيو هو جيڪو 4 مهينن کان وڌيڪ هليو هو، جنهن تي هڪ اندازي موجب هر روز ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ خرچ ٿيو، مجموعي طور اندازو آهي ته ڌرڻي تي ڪل 6 ارب روپين کان وڌيڪ خرچ آيو، جنهن م صرف سائونڊ سسٽم واري جو بل ڪروڙن ۾ هو. ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن کي ماني ۽ پاڻي پيارڻ جا به بندوبست ٿيل هئا. سڀني کي خبر آهي ته انهن سڀني انتظامن جي خرچ جو وڏو حصو کنڊ مافيا جي بادشاھه جهانگير ترين پئي ڪيو. پوءِ وري 2018ع ۾ اليڪشن جي جلسن جو خرچ جيڪو هر جلسي ۾ 4 کان 5 ڪروڙن ۾ هو سو به ترين جي کاتي ۾ هو، ان کان علاوه سائوٿ پنجاب جي لڳ ڀڳ 60  ٽڪيٽ هولڊرن جي اليڪشن جو خرچ به جهانگير ترين ئي ڪيو جيڪو اربين روپين ۾ هو. پر ان جي نتيجي ۾  اهي چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز به وقت اچڻ تي سندس نمڪ حلالي ڪندي ساڻس گڏ بيٺل نظر آيا ۽ حڪومت جي بي رخي جو جواب بزدلي سان نه پر دليري سان ڏنائون. اهوئي سبب هو ته جهانگير ترين جي سامهون حڪومت ۽ سندس وڏن مخالفن شاھه محمود قريشي ۽ شهزاد اڪبر جهڙن ماڻهن کي به گوڏا کوڙڻا پئجي ويا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مون پنهنجي گذريل ڪالمن ۾ جيڪو ڪجھه چيو اهو سچ ثابت ٿيو. کنڊ اسڪينڊل تحت هڪ ڌڪ ۾ ئي جهانگير ترين عمران خان ۽ پي ٽي آئي تي ڪيل سمورو خرچ کنڊ جي هڪ ڪلو تي 45 روپيا وڌائي وياج سوڌو واپس ڪري ورتو. جهانگير ترين جي طاقت جو اندازو ان مان لڳايو وڃي ته سندس اشاري تي هلندڙن ۾ ايم پي ايز، ايم اين ايز کان علاوه خود وزيراعظم به اکيون پوري هلندي نظر اچي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هاڻي واضح نظر پيو اچي ته هن مها ڪرپٽ حڪمرانن کي ملڪ لٽڻ لاءِ اڃان 2 سال ٻيا به ملي ويندا ۽ سگهارين ڌرين جي نئين ڪٺ پتلي به جهانگير ترين ئي هوندو ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪومت پنهنجو پنجن سالن وارو مدو پورو ڪندي تڏهن جهانگير ترين  به پنجن سالن کان پوءِ نااهلي جي سزا ڪاٽي وري اهل ٿي ويندو. هاڻي لڳي ايئن رهيو آهي ته شاهه محمود قريشي جيڪو عمران جو متبادل تصور ڪيو ويندو هو تنهن جي به سياسي ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻي طرف پهچي رهي آهي ۽ سندس متبادل وزيراعظم وارو خواب پڻ اڌورو ٿيندي نظر پيو اچي. ڇاڪاڻ ته اهي ساڳئي ئي سرائڪي بيلٽ جا ٻه ماڻهو آهن جهانگير ۽ شاهه محمود قريشي ليڪن ملتان جي پير وٽ ايتري چمڪ دمڪ نه آهي جيتري جهازن جي مالڪ وٽ آهي. 
منهنجي مٿين سمورين ڳالهين جو مقصد هي آهي ته عمران خان حڪومت جي ڪرپشن هاڻي عوام اڳيان ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، عمران خان ڪرپٽ ان ڪري آهي جو سندس حڪومت ۾ سندس ئي اکين اڳيان ڪرپشن جا ڪيئي اسڪينڊل نه فقط اچڻ شروع ٿيا آهن پر اهي ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ سڄ به ثابت ٿي رهيا آهن.
اهڙن اسڪينڊلز ۾ عليما باجي جي اسڪينڊل کان وٺي سندس والد جي مالي حيثيت جي اصليت تائين ۽ عمران خان جي هاڻوڪي ملڪيت واري ڪهاڻي پڻ منظر عام تي اچڻ لڳي آهي. عمران خان حڪومت ۾  اچڻ کانپوءِ عليما باجي اربين روپين جي مالڪ به ٿي ۽ سندس ملڪيت قانوني به تصور ٿي ويئي ۽ ان لاءِ حڪومت اڻ اعلانيل اين آر او ڏئي ايف بي آر ۾ ٽيڪس جمع ڪرائي سندس ڪاري ناڻي کي پاڪ پوتر ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه بني گالا جي هزارين ڪينالن تي ٺهيل محل جيڪو عمران جو ذاتي محل آهي سو هن وقت ملڪ جي پراپرٽي ويليو جي حساب سان اربين رپين جو آهي، جڏهن ته هن ماڻهوءَ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ڪرڪيٽ مان صرف چند ڪروڙ ڪمايا هئا ليڪن جڏهن پي ٽي آئي جو سربراھه ٿيو ته ڪافي ماڻهن ڪرپشن جو پيسو هن محل ۾ هڻي عمران تي هڪ قسم جي انويسٽمينٽ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هو هاڻ ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن جن ۾ سندس ساڄو هٿ ذلفي بخاري، رانا سرور، شهزاد اڪبر ۽ ٻيا شامل آهن، ليڪن حيرت جي ڳالھه اها آهي ته سپريم ڪورٽ وري بني گالا واري پراپرٽي تي به ٽيڪس جي رقم هڻي ان کي به ڌوئي پاڪ ڪري سندس جهولي ۾ وجهي ڇڏيو.
ان کان علاوه راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي م ٿيندڙ 1200 اربن جي ڪرپشن مان ڪنهن ڪنهن هٿ رنڱيا ۽ عمران خان پاڻ ان مان ڪيترو فيضياب ٿيو ان جا  قصا ايترا آهن جو اهي قصا ٻڌي اوهان کي نواز شريف ۽ زرداري تي لڳل ڪرپشن جا  الزام (جيڪي ڪڏهن ثابت به ٿي نه سگهيا آهن) سي ننڍڙا ۽ بنھه معمولي لڳڻ لڳندا.