ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ پ پنهنجن ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ ڪڏهن ارڙهين ترميم ، ڪڏهن وري پاڻي ۽ اين ايف سي وارن اشوز کي وچ ۾ آڻيندي آهي، سنڌ جا اڪثر ماڻهو پ پ مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا، اسين اهو ڪم ڪنداسين، سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سنڌ پاڪستان جو صوبو آهي، جتي وزيراعظم ايندو، ڪراچي جيان سنڌ جي ٻين ضلعن لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪندو، ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وزيراعظم انهي کي بهتر سمجهي به ٿو، سنڌ ۾ ڪيترائي عزت دار خاندان آهن، گادي نشين آهن، جن جو وڏو اثر آهي، اسان انهن سان ملنداسين، جيڪڏهن پ پ پنجاب ۾ وڃي سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿي ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڇو نٿي ڪري سگهي؟ ڪالهه حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ صدرالدين شاهه سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پير سائين پاڳاري جي خاندان سان سندس وڏڙن جو صدين جو تعلق آهي، هو انهن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو هو، اڄ کيس بحرين وڃڻو آهي، جتي هو بحرين جي هم منصب سان ٻه طرفن لاڳاپن بابت اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، دوري دوران بحرين جي بادشاهه ڪنگ سميت اهم ماڻهن سان به ملاقاتون ڪندو، هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ وزيراعظم عمران خان جي سعودي دوري دوران سعودي حڪومت سان ڪيل ڳالهين کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سعودي جو پرڏيهي وزير آيو هو، اسان پاڪ سعودي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ٺاهي رهيا آهيون، هن چيو ته فيٽف جي 27 نقطن واري ايجنڊا ۾ 26 نقطن کي پاڪستان پورو ڪيو، باقي هڪ نقطي تي به ڪم ڪريون پيا، ڀارت انهي ٽيڪنيڪل فورم کي سياسي فورم طور استعمال ڪيو، اسين اڃا گري لسٽ ۾ آهيون.