اسلام آباد: وفاقي حڪومت آگسٽ مهيني ۾ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 40 سيڪڙو آبادي کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو هو، پر هن وقت ان حدف جي مقابلي ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح گهٽ آهي اهڙي ڳالهه وفاقي وزير فواد چوڌري ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سرڪاري ڪارپوريشن ۽ ادارن جي ملازمن کي ويڪسين لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن رضاڪاراڻي طور تي ويڪسين لڳائڻ جي شرح ۾ اضافو نه ٿيو ته ويڪسين نه لڳائڻ وارن جون موبائيل سمز بند ڪرڻ جو آپشن وفاقي حڪومت وٽ موجود آهي.