ڄامشورو حيدرآباد (رپورٽر) ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کانپوءِ ڄامشورو جي سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي فيڪلٽي ڊينز ۽ ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي ٽي لهر تيزي سان جاري آهي، انهي ڪري يونيورسٽي 26 اپريل اڄ کان 17 مئي تائين بند رهندي ۽ شاگردن کي آن لائن تعليم ڏني ويندي، 12 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ ان وقت جي ضرورت حال کي ڏسندي اڳتي جو لاھي عمل جوڙيو ويندو، ھوڏانھن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي به شاگردن لاءِ فزيڪل ڪلاس ملتوي ڪندي يونيورسٽي کي 26 اپريل اڄ کان 20 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.