ملير (رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيل مل ۾ آڪسيجن پيدا ڪندڙ وڏو يونٽ موجوده صورتحال ۾ به بند آهي، اختيارين موجب پاڪ اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ 15200 ڪيوبڪ ميٽر في ڪلاڪ پيداوار ڏئي سگهي ٿو، ڪجهه ماهرين جو چوڻ آهي ته آڪسيجن جو پلانٽ هلائڻ لاءِ اسٽيل ملز جو مين پلانٽ هلائڻ جي ضرورت نه پوندي، آڪسيجن سلينڊرز جي کوٽ ٿيڻ تي سلينڊر مينو فيڪچرنگ به ممڪن آهي.