سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري جي صحافي محمد علي شيخ جو نوجوان پٽ محمد زبير شيخ سانگهڙ شھر جي ڪنهن گهر ۾ ٺيڪي تي مليل ٽائيلن جي رڳڙائي جو ڪم ڪندي رڳڙائي واري مشين مان ڪرنٽ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو ، کيس فوري طور طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس ڪراچي ريفر ڪيو ويو آھي.