سڊني/ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن بيٽر دنوشڪا گوناٿيلاڪا جي زيادتي الزام ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. آسٽريلوي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ضمانت جي درخواست نامنظور ٿيڻ تي سريلنڪن ڪرڪيٽر تحويل ۾ رهندو. ميڊيا رپورٽن موجب دنوشڪا گوناٿيلاڪا هٿڪڙي لڳائي وڊيو لنڪ ذريعي سڊني جي عدالت ۾ پيش ٿيو. هوڏانهن سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ زيادتي الزام کانپوءِ دنوشڪا گوناٿيلاڪا کي هر طرز جي ڪرڪيٽ مان معطل ڪري ڇڏيو. سريلنڪا ڪرڪيٽ جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي دنوشڪا کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.