سڊني(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ سڊني پهچي وئي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل ميچ اربع تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم سيمي فائنل ۾ شرڪت لاءِ ايڊيليڊ کان سڊني روانو ٿيڻ وقت ڪپتان بابراعظم پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان سڊني روانگيءَ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ گڏوگڏ ئي لکيو ته “سڊني اسان ٻيهر اچي ويا آهيون”.