ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته سيمي فائينل لاءِ قومي ٽيم جا رانديگر ذهن ۾ اهو رکن ته هي ايڊيليڊ نه سڊني جو گرائونڊ آهي، هتي بائونڊريز ڪجهه وڏيون هونديون آهن. نجي ٽي وي سان شاهد آفريدي ڳالهائيندي رانديگرن کي مشورو ڏنو ته پنهنجي ذهن ۾ اها شيءِ رکو ته اسان ماضيءَ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي چڪا آهيون، بالر هجن، بيٽسمين هجن ڀرپور اعتماد سان کيڏڻ وڃن، ان ڏينهن کي انجواءِ ڪريو، پنهنجو 100 سيڪڙو ڏيو ۽ نتيجي جي پرواهه ڇڏي ڏيو ڇو ته اوهان جتي4 100 سيڪڙو ڏيندا آهيون اتي نتيجو سٺو ايندو آهي.