سردار چانڊيو دادو جي عدالت ۾ پوليس اهلڪار کي جهڙتي وٺڻ نه ڏني

0
356

دادو: ايم پي اي سردار چانڊيو دادو جي عدالت ۾ پوليس اهلڪار کي جهڙتي وٺڻ نه ڏني، سردار چانڊيو پوليس اهلڪار کي ڌڪو ڏئي اندر هليو ويو، ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سردار چانڊيو عدالت ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته پوليس اهلڪار سندس جهڙتي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي

سردار چانڊيو سندس هٿ ڇنڊي اڳتي نڪري ويو، برهان چانڊيو ڪالهه جيان اڄ به اهلڪار جي جهڙتي دوران ڪا مزاحمت نه ڪئي

سردار چانڊيو وضاحت ڪندي چيو آهي ته مون پوليس اهلڪار کي ڌڪو نه ڏنو پر سندس رڳو هٿ پري ڪيو، ڪنهن کي گولي نه هنئي آهي، ام رباب سياست ڪرڻ بدران پنهنجو ڪيس وڙهي