سردار چانڊيو جهڙا جاگيردار عدالتن ۾ اهڙيون حرڪتون ڪندا ته پوءِ اسان پاڻ کي ڪيئن محفوظ سمجهون؟ ام رباب

0
508

دادو: اُم رباب چانڊيو چيو آهي ته سردار چانڊيو جهڙا جاگيردار عدالتن ۾ اهڙيون حرڪتون ڪندا ته پوءِ اسان پاڻ کي ڪيئن محفوظ سمجهون؟

ام رباب سردار چانڊيو جي جهڙتي نه ڏيڻ تي ردعمل  ظاهر ڪندي چيو آهي ته جاگيردارن کي وردي جي عزت جي خبر ئي ناهي

دادو جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته سردار چانڊيو پوليس اهلڪار جي توهين ڪئي آهي

ام رباب چانڊيو عدالت ۽ آءِ جي سنڌ کي سردار چانڊيو جي اِن عمل جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي