سرحد ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو

0
565

سرحد(ن پ ا) سرحد ڀرسان اغوا ٿيل ڳوٺ نبي بخش بوهڙ واسي نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو، 22 سالا مغوي وحيدبوهڙ 4 ڏينهن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد هجڻ ڪري مغوي جي گهر ۾ قهرام برپا ٿيل آهي ۽ وارث عورتن پاران پاڪ ڪتاب جو ورد به جاري آهي، مغوي جي وارثن پوليس کان آسرو لاء تَرَ جي چڱن مڙسن معرفت بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي ٻيلو ميرپورٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيو آھي، موبائل رڪارڊ موجب هو عورتاڻي آواز تي هرکجي پاڻ ڪچي ويو آھي.