بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد سنڌ دشمن منصوبا آھن: اياز پليجو

0
348

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد سنڌ دشمن منصوبا آھن، سنڌ دشمن منصوبن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿيندا، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي جي قافلن کي روڪڻ جي مذمت ڪريون ٿا، قافلا روڪڻ سان مزاحمت ختم نه ٿيندي، شھر شھر تحريڪ شروع ڪنداسين، سنڌ حڪومت وسيلا وڪڻي رھي آھي، ڌرتي تين وال ٿيڻ نه ڏينداسين، اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڪراچي ۾ ھزارين ڳوٺ بلڊر مافيا کي ڏنا ويا آھن، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ حڪومت لکين پرڏيھين کي واپس نٿي موڪلي، پ پ حڪومت قديمي ڳوٺن ۽ ڪالونين کي بلڊوز ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي، پيپلز پارٽي زراعت تباھ ڪئي، وزير پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، ڳوٺ کنڊر ۽ شھر ڪچري جو ڍير بڻيل آھن.