سرحد (ن پ ا) ڳوٺ نبي بخش بوهڙ واسي مبينا طور رکجي ويل نوجوان وحيد بوهڙ جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آھي. ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن پاران مائي حسنه، مائي ممتاز، سعيد ۽ عبدالمجيد بوهڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته 2 ڏينهن اڳ وحيد بوهڙ کي رستي ويندي اغوا ڪيو ويو آھي، پوليس بازيابي ۾ مدد نه ٿي ڪري، هوڏانهن وارثن ايم اين اي محمد بخش مھر سان ملاقات ڪري نوجوان جي بازيابي لاءِ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايچ او سرحد غلام عباس سندراڻي ٻڌايو ته نوجوان وحيد بوهڙ ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد باگوڊهو م نمبر بند ٿيو آھي سندس جي آخري لوڪيشن به اتان ملي آھي موبائل نمبر جي سي ڊي آر ڪڍرائڻ بعد خبر پئي آھي ته هو ڌاڙيلن پاران عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آھي، جيڪو ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد اھي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي جي هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد مغوي کي پڻ بازياب ڪرايو ويندو،