خيرپور (رپورٽر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسان 6 سال جو عبدالله ولد عبدالحڪيم شيخ ۽ 5 سال جي هِيرَ ڌيءَ واحد بخش شيخ ميرواهه ڪينال ۾ ڪِري ٻُڏي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ کان پوءِ ٻارڙن جا وارث هنجون هاريندا ميرواهه ڪينال تي پهتا جتي ٻارڙن جي لاشن جي ڳولها دوران نينگر عبدالله شيخ جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معصوم نينگري هيرَ شيخ جي لاش جي ڳولها ڪئي پئي وڃي.