لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو شڪارپور واسي 3 ڀائر حمير واهه ۾ ٻڏي ويا، 2 فوت، هڪ کي زنده ڪڍيو ويو. خبر موجب ڳوٺ فتح پور مان گذرندڙ حمير واھه ۾ وهنجندي شڪارپور شهر جي جهاز چوڪ جا رهواسي 3 سڳا ڀائر 11 ورهين جو فياض ڪنڀر، 10 ورهين جو وسيم ڪنڀر ۽ 12 ورهين جو عبدالحفيظ ڪنڀر ٻڏي ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٽنهي نينگرن کي واهه مان ڪڍي گهر منتقل ڪيو، جتي ٻن ڀائرن فياض ۽ وسيم ڪنڀر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن دوران وارث لاشن مٿان روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته هو اصل شڪارپور جا رهواسي آهن، لاڙڪاڻي ۾ مائٽن جي خيرات جي ماني ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته واقعو پيش آيو، فوتي ٻارڙن جا لاش وارث شڪارپور کڻائي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو.