ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 19هين گريڊ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ناصر خان کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو جي ايواليوشن اينڊ انسپيڪشن شعبي ۾ ڊائرڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جي آفيسر لياقت ڀٽي کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن) مقرر ڪيو ويو آهي، جتان انور شر کي بدلي ڪري گورنر سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح تلهار جي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانهيو کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي، جتان شاهده پروين کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) ڪمشنر آفيس ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 17هين گريڊ جي آفيسر وجاهت علي کي اي سي تلهار جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل جميل کوسو کي ميرپورماٿيلو ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قاضي احمد جي مختيارڪار ممتاز ٽالپر کي بدلي ڪري ٿاڻو بولا خان ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو آهي.