سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان پراسرار نموني گم ٿيل عرضي ڀٽو واسي نينگر جي اغوا جو انڪشاف، پوليس ڇاپو هڻي کيس بازياب ڪرائي ورتو. خبر موجب سجاول جوڻيجو مان 9 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر آفتاب سيال کي پوليس شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ طارق کوکر جي جاءِ تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس جاءِ جي مالڪ طارق کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، بازياب ٿيل نينگر کي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي ڄاڻايل جوابدار اغوا ڪري پنهنجي جاءِ ۾ رکيو هو، ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي کيس بازياب ڪرايو. هوڏانهن گم ٿيل نينگر جي واپس گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر اچي وئي.