حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بيدردي سان ڏنڊا هڻي قتل ڪيل سانگھڙ واسي نوجوان شاهنواز سومرو جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. سانگهڙ جي علائقي ورڪشاپ جي رهواسي نوجوان شاهنواز ولد جمون سومرو کي جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪيو ويو هو، جيڪو اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو هو. بلديا پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جا وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيا آهن جنهن جي ڪري ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. پوليس کي خدشو آهي ته نوجوان کي ڪنهن ناري جي معاملي تان قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مقتول نوجوان جي فون جي سي ڊي آر ڪڍرائي پئي وڃي جنهن کانپوءِ ساڻس رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن کان جاچ شروع ڪئي ويندي. ذريعن موجب بلديا پوليس ٻن ڄڻن کي حراست ۾ رکيو آهي جن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو به هلندڙ آهي.