ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي مان هڪ ڏينهن اڳ غم ٿي ويل 20 سالن جي نوجوان تابش قريشي ولد محمد ادريس قريشي جو ميرواهه گورچاڻي پوليس فون لوڪيشن ذريعي پتو لڳائي ورتو، پوليس اسٽيشن ميرواہ گورچاڻي جي وڏي منشي محمد رفيق لغاري جو چوڻ آهي اهي ته نوجوان پنجاب جي شهر گونجروالا ۾ پنهنجي فون تي ڪنهن دوست سان رابطو ڪيو جنهن جي لوڪيشن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ نوجوان هڪدم پنهنجي سم بدلي ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي فون ۾ نئي سم لڳائي ڇڏي آهي، جنھن بابت وڌيڪ وڏي منشي جو چوڻ آهي ته انشاءَ الله جلد نوجوان تائين پهچي وينداسين.