فقيرآباد (ن پ ا) فقيرآباد جي ڳوٺ محمد هاشم ڀٽي جي رهواسڻ خوشبو ناز ڀٽي کي انصاف نه ملي سگهيو، 11 سال اڳ ڀاءُ سميت مبينا اغوا ٿي ويل خوشبو ناز ڀٽي ڪجھه ڏينهن اڳ پوليس معرفت پنجاب جي علائقي راجنپور مان بازياب ٿي گهر پهچي اغوا ڪندڙ جوابدارن جي نشاندهي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان خوشبو ناز ڀٽي، محمد سومر ڀٽي ۽ بخش علي ڀٽي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 10 سال اڳ 5 جوابدارن هٿيارن جي زور تي مون کي منهنجي ڀاءُ کي اغوا ڪيو، عورت دانيهندي چيو ته 3سال جوابدار جنسي ڏاڍائي ۽ مارڪٽ ڪندا رهيا، جن مان مون کي بنا نڪاح جي 3 ٻار پيدا ٿيا آهن، بعد ۾ مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي کپائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، متاثر عورت وڌيڪ ٻڌايو ته مان وجھه وٺي ظالمن جي چنبي مان نڪري آيس، 6 جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.