زويا ناصر بالي ووڊ انڊسٽري تي ڏمرجي پئي

0
307
زويا ناصر بالي ووڊ انڊسٽري

لاهور(دلچسپ نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا زويا ناصر به فلمن جي ذريعي اسلاموفوبيا کي فروغ ڏيڻ واري باليوڊ انڊسٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.زويا ناصر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو آهي ته سُٺا ۽ خراب ماڻهو دنيا ۾ هر هنڌ موجود هوندا آهن، اهڙي ريت زوري مذهب به مٽرايا ويندا آهن

هن چيو ته اهو ڏسڻ تمام افسوسناڪ آهي ته باليووڊ انڊسٽري اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته فلمن ۾ ڪاميڊي جي نالي تي اسلام مخالف مواد ڏيکارڻو آهي، بنا اهو سوچڻ جي ته ان جا اثر ڪهڙا پوندا.اداڪارا لکيو ته توهان پنهنجي سُٺي باشعور ڇوڪرن سان گڏ 100 ڪروڙ جي ڪلب کان لطف اندوز آهيو.واضح رهي ته اڪشي ڪمار جي نئين فلم سورياونشي باڪس آفيس تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، پر ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ ان فلم جي اسڪرپٽ ۾ شايد ئي ڪا نئين يا حيران ڪندڙ ڳالهه هجي.فلم جي رليز سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن ان تي تنقيد ڪئي آهي ڇو ته ان فلم ۾ مسلمانن ۽ پاڪستان جي ناڪاري عڪاسي ڪئي وئي آهي.