نئين دهلي (دلچسپ نيوز) عورت رستو نه ڏيڻ تان ٽيڪسي ڊرائيور کي مارڪٽ ڪري لاهه ڪڍي ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ 2 عورتون اسڪوٽي تي وڃي رهيون هيون ته هڪ ٽيڪسي سندن آڏو اچي وئي، ٽيڪسي ڊرائيور عورتن کي رستو ڏيڻ بدران شرارتون ڪندي اڳيان اڳيان هلندو رهيو، جنهن سبب عورتون سخت پريشان ٿيون، سگنل تي جيئن ئي گاڏيون بيٺيون ته هڪ عورت لهي ڊرائيور کي پڪڙي ورتو، عورت کلي عام ڊرائيور مٿان مڪن ۽ لتن جا وارا لائي ڏنا، جنهن سبب ماڻهو حيران ٿي ويا. جڏهن ته ٽيڪسي ڊرائيور کي مارڪٽ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.