شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ حيدر علي ابڙو جي عدالت ھڪ سال ٻه مھينا اڳ ايس آءِ عبدالرزاق  گولو کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن عبدالشڪور سرڪي ۽ غلام عباس ڪنڊراڻي کي عمر قيد ۽ ساڍا ست ست لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻئي جوابدار 2 سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندا . ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد امام شاھ درگاهه ويجھو پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ايس آءِ عبدالرزاق گولو کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. جنھن جو ڪيس سرڪاري فرياد تي دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيوويو ھو جنھن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي آھي عدالت جي اھڙي فيصلي کان پوءِ ٻنھي جوابدارن کي شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ جيل موڪليو ويو آھي.