ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آفيسرس ايسوسيئشن جون چونڊون ڇهن سالن بعد اڄ ٿي رهيو آهن، چونڊن ۾ سوشلسٽ فورم ۽ فرينڊز يونائيٽڊ الائينس حصو ورتو آهي، دي پائيونئير گروپ جي اڳواڻن ووٽ ڏيڻ کان بائڪاٽ ڪيو آهي، زرعي يونيورسٽي جي جي آفيسرس ايسوسيئشن گذريل ڇهن سالن کان رولڙي جي شڪار هئي، سوشلسٽ فورم جي اڳواڻن پاران آفيسرس ايسوسيئشن جي چونڊ ڪرڻ لا جدوجهد ڪئي، اج ٿيندڙ اليڪشن ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪاليج ڏوڪري، ايگريڪلچر انجينئرنگ ڪاليج خيرپور سميت عمرڪوٽ ڪيمپس جا ٽوٽل 256 آفيسرس کي ووٽ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، سوشلسٽ فورم پاران صدر لا منظور مگسي، جنرل سيڪريٽري فقير محمد ڍول، نائب صدر فهد احمد قريشي، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر فيصل انصاري، خزانچي اشفاق احمد ٻٻر، پريس ۽ پبلسٽي سيڪريٽري نديم اختر سهتو،ايگزيڪيوٽو لا 18 گريڊ لاءِ جاويد هڪڙو ،17 گريڊ ظفر لاکو 16 گريڊ لاءِ سيد بيگ شاھ اميدوار آهن، جڏهن فرينڊز ۽ يونائٽيڊ گروپ پاران گڏجي الائينس جوڙي اميدوار بيهاريا ويا آهن، صدارت لاءِ منظور لاکير، جنرل سيڪريٽري نصرت چانڊيو، نائب صدر شوڪت سانگي، جوائنٽ سيڪريٽري شهمير لوچي، خزانچي شيراز قريشي، پريس ۽ پبلسٽي سيڪريٽري اعجاز ميمڻ، ايگزيڪيوٽو لا 18 گريڊ لاءِ سلام چانڊيو، 17 گريڊ لاءِ مجتبي سرهيو، 16 گريڊ لاءِ رياض سومرو اميدوارن آهن، جڏهن ته ڊي پائيونئير گروپ جي اڳواڻ چونڊون ۾ حصو نه ورتو ۽ چونڊن دوران ووٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن جي چونڊن ۾ پنهنجي گروپ کي کٽائي لاءِ زرعي يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران به ووٽرن کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آفيسرن موجب اليڪشن سخت ايس او پيز تحت ٿيندي