ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) سنڌ جي اڳوڻي سينئر صوبائي وزير مير اعجاز علي خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي پونيئرن فرزند مير سجاد علي ٽالپر ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻ امير بخش ڀٽو ، ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ، غلام نبي مورائي ، نواب غني ٽالپر ، زاهد ڀرڳڙي ، پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري ، ڊي اي او ايجوڪيشن حاجي اشرف ميمڻ ، ڊي ايس پي مجاهد حسين شاھ ، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سيد شاهنواز محسن شاھ بخاري سميت مختلف سياسي سماجي ادبي صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي آهي .