چوھڙ جمالي (ن پ ا) شاھبندر تعلقي جي مختلف شاخن ۽ واھن رطول واھ، گھارواھ، ڀورواھ، ستاواھ، ماڇڪي شاخ سميت ڪيترن ئي شاخن ۾ گذريل 3 مھينن کان مسلسل پاڻي جي وارا بندي سبب آبادگارن جا پوکيل فصل سڪي تباھ ٿي ويا آهن، پاڻي کوٽ سبب چوپايو مال به اڃ وگهي تڙپي رهيو آهي، ان حوالي سان آبادگارن ۽ رهواسين مولا بخش سنجراڻي، ماما رحيم بخش جمالي، علي حيدر سنگھار، اقبال عباسي، بلاول جلباڻي، ڊاڪٽرمحمد عثمان سنجراڻي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شاھبندر تعلقي جي آبادگارن کي ھٿ وٺي وارا بندي ڪري تباھ ڪيو پيو وڃي، پاڻي نه ملڻ سبب فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پڇڙي وارن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي پهچائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.