رڳو اڻ پڙهيل نه پر تعليم يافته به عورتن سان خراب سلوڪ ڪن ٿا، مردن کي سڌارڻ گهرجي: سڄاڻ عورتون

0
86
رڳو اڻ پڙهيل نه پر تعليم يافته به عورتن سان خراب سلوڪ ڪن ٿا، مردن کي سڌارڻ گهرجي: سڄاڻ عورتون
رڳو اڻ پڙهيل نه پر تعليم يافته به عورتن سان خراب سلوڪ ڪن ٿا، مردن کي سڌارڻ گهرجي: سڄاڻ عورتون

ڪراچي: خانگي ٽي وي نيٽ ورڪ جي مالڪياڻي  سلطانه صديقي چيو آهي ته سنڌ جي عورت مرد کان وڌيڪ سجاڳ آهي، جيڪڏهن مرد وڏي مقام تي آهن ته انهن جي تربيت سندن ماءُ ڪئي آهي

هن چيو ته قابليت رڳو مردن ۾ آهي وارومائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو، ڪي پي جا ماڻهو پنهنجي ڳوٺن جي اسڪولن لاءِ ڳالهائين ٿا ته پوءِ اسان جي  ماڻهن کي به اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، تعليم توڙي صحت لاءِ جدوجهد ڪري پنهنجا حق وٺڻو پوندا، هن چيو ته نوجوانن کي رڳو سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران ٻين سيڪٽرن ۾ پاڻ کي مڃائڻو پوندو

وفاقي سيڪريٽري ناهيد شاهه چيو ته ترقي صرف تعليم سان ئي ٿي سگهي ٿي، انهي لاءِ عورتن کان وڌيڪ مردن کي تعليم ڏيڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي، تعليمدان امر سنڌو چيو ته ترقي يافته سنڌ جا ماڻهو هاڻي ذهني طور تي پوئتي پئجي ويا آهن، هن وقت حالت اها آهي جو سنڌ ۾ روزانو 3 عورتون قتل ٿين ٿيون

هن چيو ته سنڌ جي اڌ آبادي عورتن جي آهي، انهن جي ترقي لاءِ سماج کي سوچڻو پوندو.سماجي اڳواڻ زهريٰ خان چيو ته عورتن جو استحصال ازل کان جاري آهي، عورتون گهر، ٻاهر، تعليمي ادارن توڙي نوڪرين وارن هنڌن تي هراسمينٽ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏين ٿيون، هن چيو ته مسئلن جو حل سياست ۾ آهي

ان ڪري عورتن ۽ مردن کي گڏجي طبقاتي جدوجهد ڪري معاشري ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. سوشل ورڪر ماهه نور شيخ چيو ته سماجي ڪم ڪار ۾ نوجوان اڳيان اڳيان آهن، نوجوان سماجي ڪمن سان گڏ هاڻي سياست ۾ به اڳتي اچن ته جئين تبديلي اچي سگھي.  سهائي  سٿ آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته رڳو اڻ پڙهيل نه پر تعليم يافته به عورتن سان خراب سلوڪ ڪن ٿا

عورتن کي سندن باس، ساٿي يا مائٽ تنگ ڪن ٿا، اهي واقعا رپورٽ ئي نه ٿا ٿين، وڪيل شازيا نظاماڻي چيو ته سنڌ قانون ٺاهڻ ۾ ٻين صوبن کان اڳتي آهي پر قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، آئين عورت ۽ مرد کي برابر حق ڏئي ٿو رڳو عمل ڪرائڻ  جي ضرورت آهي