ننگرپارڪر (ن پ ا) ڪارونجهر جبل کي بچايو ، ايڪس ۽ فيس بوڪ تي “ سيو ڪارونجهر ” جي عنوان سان ٽرينڊ ھلايو ويو ، سيو ڪارونجهر مهم ۾ سنڌ جي شعور ڀرپور حصو وٺي فيسبوڪ تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ، سيو ڪارونجهر ٽرينڊ ۾ شاعرن ، اديبن ۽ عوام ڪارونجهر جبل جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڪارونجهر جبل کي ثقافتي ، قديم اُهڃاڻ ، سياحتي ءٍ مقدس ماڳ جو ورثو قرار ڏنو ، صبح 11 وڳي کان شروع ٿيندڙ ڪارونجهر بچايو مهم رات 8 وڳي تائين مسلسل جاري رهي، ٽوئيٽر ۽ فيسبوڪ تي سيو ڪارونجهر مهم ۾ هلندڙ پوسٽن ۾ مختلف ڪميونٽي جي ماڻهن سميت سياسي توڙي سماجي اڳواڻن پاران لکيو ويو ته ڪارونجهر جبل صديون پراڻو تاريخي ،  تهذيبي ءٍ ثقافتي اُهڃاڻ آهي ، ڪارونجهر جبل سنڌ جي سڃاڻپ سنڌ جي ماٿي جهومر آهي ، ڪارونجهر جبل ننگرپارڪر واسين جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ، ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ هندون برادري جا انيڪ مقدس ماڳ موجود آهن ، ڪارونجهر جبل اندر انيڪ ناياب نسل جا جانور رهن ٿا ، ڪارونجهر جي ڪٽائي سان نه صرف فطرت يتيم ٿيندي پر سنڌ جي تاريخ ءٍ ننگرپارڪر واسين جو روزگار جو اهم وسيلو کسجي ختم ٿي ويندو ، ڪارونجهر بچايو مهم ۾ سنڌ جي شعور نگران حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي.