ٺارو شاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان قتل ٿيل نوجوان جا قاتل سندس سالا نڪتا، جوابدار گرفتار، قتل جو اعتراف، پسٽل ھٿ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ھڪ ڏينھن اڳ نوجوان حسنين قريشي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو لاش نوشھروفيرو لنڪ روڊ تان مليو هو، پوليس نوجوان جي قتل ۾ سندس ٻن سالن معين ۽ محسن قريشي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدارن معين ۽ محسن قريشي نوجوان حسنين کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس موجب نوجوان جي قتل ۾ سندس سالن کي گرفتار ڪيو، جن قتل جو اعتراف ڪيو آھي، سندن نشاندھي تي واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ ھٿ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي اچڻ بعد قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو، ياد رھي ته قتل ٿيل نوجوان حسنين قريشي 6 مھينا اڳ رشتيدار اقبال قريشي جي نياڻي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنھن تي برداري  پاران کيس شھر نيڪالي ڏني وئي، نوجوان ڪجھه ڏينھن اڳ پيءُ وٽ ٺاروشاهه آيل ھو جتي کيس سالن قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.