ملير (رپورٽر) رينجرز جي وڏن اٽالن پاران رات دير سان ملير جيل جو سرچ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن ۾ رينجرز جي سوين اهلڪارن حصو ورتو، سرچ آپريشن چئن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. رينجرز اهلڪارن مختلف بيرڪن ۾بند قيدين کان تلاشي ورتي ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي. سرچ آپريشن دوران ڪابه غيرقانوني شيءِ هٿ نه آئي. خبر موجب رينجرز اٽالن رات دير سان ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ سوار 400 کان وڌيڪ اهلڪارن حصو ورتو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته رينجرز پاران ملير جيل ۾ رات جو اوچتو سرچ آپريشن ڪيو ويو جيڪو چئن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، آپريشن بابت اسان کي 10 منٽ اڳ اطلاع مليو. ڪارروائي دوران مختلف بيرڪن ۽ قيدين جي تلاشي ورتي وئي ۽ قيدين کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته سرچ آپريشن دوران ڪابه غيرقانوني شيءِ ھٿ نه آئي آهي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ بحريا ٽائون ڌرڻي واري واقعي ۾ قيد جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي سميت سموري مرڪزي قيادت ۽ ٻين ڪارڪنن کان علاوه نيب جي مختلف ڪيسن ۾جا جوابدار ملير جيل ۾ قيد آهن.