ننگرپارڪر (ن پ ا) انڊيا جي جئه پور جيل ۾ مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبي جي رھواسي نوجوان تگجي ميگھواڙ جو لاش 2 ڏينھن کان لاھور جي ايڌي ھوم جي سرد خاني ۾ پيل، گھرو کاتي ڪي به قدم نه کنيا، جڏھن ته نوجوان جا وارث غريب ھئڻ ڪري لاش کڻائڻ کان لاچار بڻيل آھن، ان حوالي سان صحافن آڏو لڙڪ لاڙيندي نوجوان جي پيرسن امڙ ۽ سندس والد چيو ته غريب مسڪين آھيون، گھر ۾ کائڻ لاءِ اٽو به ناھي، ايتري رقم ڪٿان آڻيون جو جگر جي ٽڪري جو لاش لاھور وڃي کڻائي اچون. سنڌ سرڪار ۽ وس وارا ٻچڙي جو لاش ڳوٺ آڻڻ ۾مدد ڪن، ھوڏانھن ميگھواڙ پنچائت جي اڳواڻ ڏيوجي ميگھواڙ جو چوڻ ھو ته نوجوان جو لاش ڳوٺ ڪاسبو پھچائڻ لاءِ گھرو کاتي سان رابطو ڪيو آھي، مگر اتان به ڪا خاص موٽ نه ملي آھي، نوجوان جو لاش ٻن ڏينهن کان سرد خاني ۾ پيل آھي، جيڪڏھن گھرو کاتي وارن يا سنڌ سرڪار مدد ڪئي ته ٺيڪ نه ته مجبورن شھر مان چندو ڪري نوجوان جو لاش کڻائي ڳوٺ آڻينداسين. ٻئي پاسي نوجوان جي فوت ٿيڻ واري خبر ملڻ  کانپوء سندس گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي.