حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد فرضن ۾ لاپرواهي جي الزام هيٺ هڪ ايس ايچ او کي معطل ۽ ٽن جون دليون ڪري ڇڏيون آهن، عبدالسلام شيخ پاران جاري نوٽيفڪيشن مطابق ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر سيد نثار احمد شاهه کي بدلي ڪري سائيٽ ٿاڻي تي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سائيٽ ٿاڻي تان انسپيڪٽر گلشير ساريو کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت بي سيڪشن ٿاڻي تان انسپيڪٽر امان ميراڻي کي بدلي ڪري ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس لائين ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل سب انسپيڪٽر ذوالفقار علي آرائين کي بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.