وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ قادر بخش مغيري ۾ بوائز پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هيڊ ماستر سڪندر علي مغيري ۽ شاگرد جنيد علي، صدورو، خديجا ۽ مرڪان سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن رورل هيلٿ سينٽر وڳڻ پهچايو، رابطو ڪرڻ تي هيڊ ماستر ٻڌايو ته ٻئي درجي جي ڪلاس ۾ پڙهائي رهيو هئس ته اچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، هن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آهي، جنهن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن.