ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ريلوي عيد الفطر تي 10 خاص ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ريلويز موجب 8 خاص ٽرينون ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ هلايون وينديون، هڪ ٽرين ڪراچي کان راولپنڊي، هڪ ڪراچي کان ملتان جي وچ ۾ هلندي. پهرين خاص ٽرين ڪالهه رات 8 وڳي ڪراچي کان لاهور جي لاءِ رواني ٿيندي، لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ 9،8 ۽ 11 مئي تي به خاص ٽرينون هلنديون. ريلوي اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته ڪراچي ۽ راولپنڊي لاءِ خاص ٽرين 11 مئي ۽ ملتان جي لاءِ 12 مئي تي رواني ٿيندي جڏهن ته سمورين ٽرينن ۾ ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکيو ويندو.