اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ جي حوالي سان سينيٽ رولز ۾ ترميمون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، جمع ڪرايل ترميمن ۾ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن لاءِ رولز ۾ نئون چوٿون شيڊول شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ميان رضا رباني پاران جمع ڪرايل ترميمن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ اليڪشن کان پوءِ پهرين سينيٽ اجلاس جي صدارت رٽائرڊ ٿيندڙ چيئرمين ڪندو، ان جي عدم موجودگي جي صورت ۾ اجلاس جي صدارت صدر پاران نامزد پرزائيڊنگ آفيسر ڪري سگهندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ ووٽر لسٽ پرزائيڊنگ يا ڪنهن به درخواست ڏيندڙ ميمبر کي فراهم ڪندي، پولنگ شروع ٿيڻ کان پهريان اميدوارن جا ايجنٽ ۽ اميدوار پولنگ بوٿ جو معائنو ڪري سگهندا، بيلٽ پيپرن تي نشان لڳائڻ جو طريقو به رولز ۾ شامل ٿيندو، پرزائيڊنگ آفيسر وٽ غلط قرار ڏنل بيلٽ پيپر جي حوالي سان اپيل داخل ڪري سگهبي، پرزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيل اڳوڻن ٽن سينيٽ چيئرمينن تي ٻڌل ڪاميٽي وٽ داخل ڪري سگهبي، جيڪا اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪندي، ميان رضا رباني چيو آهي ته اهڙن تفصيلي رولز جي عدم موجودگي سبب سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جو مامرو تڪراري ٿيو ۽ عدالت ۾ ويو، پارليامينٽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري.