ريلوي جِي زمين ريلوي مقصدن کانسواءِ ٻئي ڪنهن منصوبي لاءِ الاٽ ڪرڻ غير قانوني قرار

0
217

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي جِي زمين ريلوي مقصدن کانسواءِ ٻئي ڪنهن منصوبي لاءِ الاٽ ڪرڻ غير قانوني قرار، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري لکت ۾ جاري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته گورنر هائوس ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين خانگي ڪمپنيز کي وڪرو ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ريلوي زمين جو هڪ انچ به عام شهري کي نٿو ڏئي سگهجي، عدالت واضح حڪم ڏئي ٿي ته ريلوي جي زمين نه ليز، نه منتقل نه وري وڪرو ٿي سگهي ٿي..