روھڙي ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 8 ڄڻا فوت

0
291

سکر/روھڙي (نمائندن وٽان) روهڙي ڀرسان ڪي پي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

ان سلسلي ۾ اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي ننڊ جُهوٽو اچڻ سبب ڪوچ ڪنٽرول مان نڪري وئي، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتل آھي

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري، پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ بدنصيب ڪوچ سان حادثو پيش آيو، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آھي

ھي به پڙھندا

نيوسعيدآباد: مسافر ڪوچ ڪلٽي، 15کان مٿي مسافر زخمي

مٽياري ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 12 کان مٿي مسافر زخمي