بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

0
177
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

بھاولپور (ڊيسڪ رپورٽ) بهاولپور ڀرسان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي ٽينڪر سان ٽڪر بعد باهه وڪوڙي وئي، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا

 لاهور کان ڪراچي ويندڙ بدنصيب ڪوچ سان موٽروي ايم 5 تي حادثو پيش آيو، موٽروي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽڪر سبب مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽئنڪر کي باهه وڪوڙي وئي

جلتی ہوئی گاڑیوں سے بیشتر مسافروں کو زندہ نکالا گیا اور انہیں فوری طور پر قریبی اسپتالوں میں منتقل کیا گیا: ترجمان موٹروے__فوٹو: جیو نیوز

سڙي ويل بس مان مسافرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، سڙي زخمي ٿيل 9 مسافر ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ منتقل، سليپر بس گذريل رات 9 وڳي لاهور کان ڪراچي رواني ٿي هئي، حادثي سبب موٽر وي ايم فائيوَ 5 ڪلاڪن تائين بند رهيو

ھي به پڙھندا

گڊو: وين کي باھ لڳڻ وارو واقعو، وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 8 ٿي ويو

روھڙي ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 5 ڄڻا فوت