روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ موٽر وي انٽر چينج موڙ ڀرسان پنجاب کان ڪراچي طرف ويندڙ ٽرالر 11 ھزار وولٽيج جي تارن سان ڪٽرائجي ويو،  نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽرالر جو ڪلينر نظر پٺاڻ فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش سندس وارث بنا پوسٽ مارٽم جي کڻائي ويا، حد جي پوليس موجب فوتي جو تعلق پشاور سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ٽرالر سان گڏ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو آهي.