ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾9 ڪلاس جو شاگرد 14 سال جو ستيش ڪمار ولد درمپال پراسرار نموني فوت ٿي ويو. ڪنڌڪوٽ جي پرائيويٽ بيڪن لائيٽ اسڪول جي هڪ پرائيويٽ استاد نينگر تي مبينا طور تشدد ڪيو هو، جنهن بعد نينگر جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هو فوت ٿي ويو.اي سيڪشن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، نينگر جو والد ٻڌايو آهي ته نينگر مٿان اسڪول جي استاد تشدد ڪيو، جنهن بعد هو فوت ٿيو آهي.پوليس جو چوڻ هو ته معلومات ورتي سين ته نينگر جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ هو ڇاتي جي تڪليف ۾ ورتل هو ۽ ڊاڪٽرن پاران نينگر جي والدين کي ٻڌايو ته کيس سکر منتقل ڪيو وڃي. پوسٽ مارٽم ۾ خبر پوندي ته نينگر استاد جي تشدد ۾ فوت ٿيو يا وري ڪنهن بيماري سبب  پوليس جو چوڻ هو ته نينگر تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل استاد ذوالفقار چنا جو به بيان رڪارڊ ڪيو آهي، والدين جو موقف سامهون ناهي اچي سگهيو.پرائيويٽ اسڪول جي انتظاميا کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪرتار لال ٻڌايو ته هن وقت ٿاڻي تي بيٺل آهيان بعد ۾ موقف ڏيندس جڏهن ته اسڪول انتظاميا معاملي تي موقف ڏيڻ لنوائي وئي.