ھالا(ن پ ا) هالا تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي ۽ علاج نه ڪرڻ سبب ڳوٺ جمال ڏاهري جو رهواسي پيرسن گاجي ولد الهه بچايو ڏاهري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، پيرسن جي فوت ٿيڻ تي ڀائٽي لکمير پٽ بادل ڏاهري پرائيويٽ ايمبولنس ذريعي اسپتال ۾ لاش کڻي مخدوم هائوس ھالا گيٽ آڏو رکي سخت نعريبازي ڪئي. ، لکمير ڏاهري پنهنجي رشتيدار عورتن سان گڏ چيو ته سندن چاچي کي هنن ٻه ڏينهن اڳ تعلقي اسپتال ھالا ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، علاج نه ڪرڻ سميت اسپتال ۾ مريضن لاءِ پيئڻ جي پاڻي، هوا لاءِ پنکي ۽ بجلي بند هجڻ تي جرنيٽر جو ڪو به انتظام نه هجڻ جي ڪري هو فوت ٿي ويو.ٻئي پاسي مخدوم هائوس جي گيٽ تي احتجاج دوران ڪيترائي شهري ۽ پوليس جو وڏو اٽالو پهچي ويو، جن احتجاج ڪندڙ کي انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريندي ٿاڻي تي هلڻ لاءِ منٿون ڪيون پر فوتي جي وارثن ڪيس تعلقه اسپتال ھالا جي انتظاميا ۽ مخدوم هائوس جي چونڊيل نمائندن خلاف داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، متاثر پاران مخدوم هائوس گيٽ آڏو 3ڪلاڪ مسلسل احتجاج ڪيو جنهن بعد لکمير ڏاهري کي ايس ايڇ او ھالا ٺارو خان ڀٽي عملي سان زبردستي لاش سميت هٽائي ڇڏيو ۽ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.