روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ جي لوڪوشيڊ واري علائقي ۾ ورڪشاپ ريلوي ٽريڪ تي ريلوي پٽڙي ڪراس ڪرڻ دوران عورت بوگين ھيٺان اچي ڪٽجي فوت ٿي وئي، لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مسمات نسيم خاتون زال محمد عارف بلوچ ريلوي پٽڙي ڪراس ڪندي ٽرين جي بوگين ھيٺان اچي ڪٽجي فوت ٿي وئي. فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي عورت لوڪوشيڊ جي رھواسڻ ھئي، سندس مڙس ريلوي پوليس جو اھلڪار آهي. عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو.