باھو کوسو(ن پ ا) خانپور ڀرسان ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ڪار ۽ وين جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل عورت بيگم کوسو زخمن جا سور نه سھندي سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آھي، آمنه کوسو ۽ سندس پٽ ثناءَ الله کوسو جي جنازي نماز ٺل جي فھد ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي، جڏھن ته بيگم زال عبدالقار کوسو جي جنازي نماز ڳوٺ واحد بخش کوسو ۾ ادا ڪئي وئي، ٽنھي کي ڳوٺ واحد بخش کوسو جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.ھوڏانھن ڪار ڊرائيور شاھنواز لاشاري جي جنازي نماز ٺل باءِ پاس ڀرسان دريا خان کوسو ڪالوني ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان گامون دڙي ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو. فوتڻ آمنه کوسو سان گڏ فوت ٿيل پٽ ثناءَ الله کوسو سميت ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي. جڏھن ته بيگم کوسو ڪينسر جي مريض ھئي، جنھن کي چئن نياڻين جو اولاد آهي. ڪار ڊرائيور شاھنواز لاشاري چئن ٻارڙن جو پيءُ ھو. ياد رھي ته باھو کوسو جي ڳوٺ واحد بخش کوسو جا رھواسي ماءُ پٽ آمنه کوسو ۽ ثناءَ الله کوسو پنھنجي مامي جي ڌيءُ ڪينسر جي مريض بيگم کوسو کي لاڙڪاڻي مان علاج بعد ڪار ۾ پنھنجي گھر اچي رھيا ھئا ته ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ڪار جو مسافر وين سان تيز رفتاري سبب آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو ھو.