ڪراچي (شوبز نيوز)اداڪاره عروه حسين چيو آهي ته هوءَ قدرتي طور رومانوي شخصيت جي مالڪ آهي پر ان باوجود هوءَ محبت ۾ تڪڙ ناهي ڪندي.عروهه حسين تازو ئي نجي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ شو ۾ شرڪت ڪئي، هن پنهنجي ذاتي ۽ پيشوراڻي زندگي تي کُلي ڳالهايو.پروگرام ۾ عروه حسين ٻڌايو ته هن جي پهرئين پرڊيوس ڪيل فلم”ٽچ بٽن“ مڪمل آهي پر ان کي رليز نه پيو ڪيو وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ رومانوي شخصيت جي مالڪ آهي پر ان باجود هوءَ محبت ۾ تڪڙ نه ڪندي آهي.